والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورس جي وڌيڪ هڪ اهلڪار پاڻ ماري ڇڏيو

 

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ مقرر ڀارتي فورس جي وڌيڪ هڪ اهلڪار آپگهات ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي پوليس جي اسسٽنٽ ڪمانڊر ضلعي اننت ناگ ۾ پنهنجي ئي سروس رائفل سان پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.

پوليس آفيسر جو واسطو ڀارتي رياست تامل ناڊو سان هو ۽ ميڊيا رپورٽن موجب هن فورسز کي فراهم ڪيل ناقص سهولتن ۽ سخت ذهني دٻاءَ سبب آپگهات ڪيو پر ڀارتي سينٽرل ريزرو پوليس فورس ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو ته واقعي جي جاچ جاري آهي.

واضح رهي ته والاريل ڪشمير ۾ 12 ورهين دوران ڀارتي فورسز جا 440 اهلڪار آپگهات ڪري چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.