ڪشمير ۾ ظلم: گڏيل قومن جي اعليٰ ترين فورم نوٽيس وٺي ڇڏيو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حق فراهم ڪري ۽ اُتي ڪرفيو، ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جي بندش کي ختم ڪري.

ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪشمير جي موجوده صورتحال تي گڏيل قومن جي اعليٰ ترين فورم نوٽيس وٺي ڇڏيو.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوتيرس ۽ انساني حقن بابت نمائندو ڪشمير جي حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪو آهي.

گڏيل قومن ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ روز مرهه جي زندگي کي بحال ڪيو وڃي ۽ والاريل وادي ۾ اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻايو وڃي.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ڪرفيو جو اڄ 20هون ڏينهن آهر پر حالتون هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ خراب ٿينديون پيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.