رانا ثناءُالله جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) منشيات جي خاتمي واري عدالت منشيات ڪيس ۾ گرفتار مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر رانا ثناءُالله جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

اي اين ايف اختيارين سخت سيڪيورٽي ۾ راناثناءُالله کي جوڊيشل ريمانڊ جو مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ لاهور جي منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو ، ان موقعي تي رانا ثناءُالله جي گھر واري سوڌو ٻيا مٽ مائٽ، مسلم ليگ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن به موجود هئا.

ٻڌڻي دوران اي اين ايف پراسيڪيوٽر عدالت ۾ رانا ثناءُالله جي گرفتاري جي وقت سيف سٽي جا رڪارڊ فوٽيج فراهم ڪري ڇڏيا.

عدالت رانا ثناءُالله کي روسٽرم تي گھرايو ۽ هن کان صحيح وٺڻ کان پوءِ سي سي ٽي وي فوٽيج سيل ڪري ڇڏيا.

رانا ثناءُالله جي وڪيل طرفان ضمانت جي درخواست به داخل ڪئي وئي جنهن تي منشيات جي خاتمي بابت اختيارين ضمانت جي درخواست تي دليلن لاءِ وقت گھري ورتو. عدالت ن ليگ اڳواڻ رانا ثناءُالله جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس 7 سيپٽمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڏنو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.