ايف بي آر پاڪستانين جي ڄاڻ يو اي اِي کان گهري ورتي….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو اقامو رکندڙ پاڪستانين جي ڄاڻ متحده عرب امارا کان گهري ورتي.

ايف بي آر اقامو رکندڙ پاڪستانين جي ڄاڻ وٺڻ جي لاءِ متحده عرب امارات جي ناڻي واري وزارت کي خط لکيو آهي.

خط موجب متحده عرب امارات طرفان هن وقت تائين مهيا ڪيل ڄاڻ ناڪافي ۽ خاص ناهي.

خط ۾ لکيو ويو آهي ته رپورٽ ۾ 3620 اڪائنٽن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي، انهن اڪائونٽن ۾ ٻڌايو ويو ته بيلينس به گهڻو گهٽ آهي ۽ اِهو بيلنس اسان جي اميدن جي برخلاف ۽ ناڪافي آهي.

ايف بي آر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو پاڪستاني قانوني طور تي امارات ۾ سيڙپڪاري ڪري ٿو ته اسان کي ڪو به اعتراض ناهي.

ايف بي آر جي هڪ ٽيم ايندڙ مهيني متحده عرب امارات به ويندي جتي لاڳاپيل اختيارين کان ڊيٽا شيئرنگ جي لاءِ ڳالهيون ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.