پنهنجي موقف تي قائم آهيان…..!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آبي وسلين واري وفاقي وزير فيصل واوڊا هڪ ڀيرو ٻيهر ميئر ڪراچي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وسيم اختر ڪرپٽ ۽ هن جي ڪرپشن بابت پنهنجي موقف تي قائم آهيان.

وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي وفاقي وزير فيصل واوڊا سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

فيصل واوڊا سان ملاقات دوران وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته بهترين انجينيئرنگ ذريعي سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بنايو وڃي.

ملاقات کان پوءِ پ پ اڳواڻ مرتضيٰ وهاب سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته اسان سنڌ حڪومت جي مينڊيٽ جو احترام ڪندا آهيون ۽ وزيراعظم اختلافات ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جلد وزيراعظم ۽ مراد علي شاهه وچ ۾ ملاقات ٿيندي.

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي خاتمي جي حوالي سان فيصل واوڊ چيو ته سنڌ بئراج جي نالي سان نئون منصوبو آڻي رهيا آهيون جيڪو 4 ورهين ۾ مڪمل ٿيندو.

هن چيو ته صوبي ۾ پاني جي نئين منصوبي لاءِ بجيٽ منظرو ڪرائي آهي، کليل دل سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، هڪ ٻئي وٽ هر هر اينداسين، ڪو به سياست تعصب ناهي.

مرتضيٰ وهاب فيصل واوڊا جو ٿورو مڃيندي سنڌو بئراج جي منصوبي کي پاڪستان لاءِ سٺو سنون قرار ڏنو.

مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاق سنڌ حڪومت کي گڏ کڻي ڪم ڪري ته مسئلا بهتر طريقي سان حل ٿي سگھن ٿا.

سندس چوڻ هو ته ٻين وفاقي وزيرن کي به پيغام آهي ته اسان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيا آهيون، علي زيدي کي به اهو ئي چئي رهيا آهيون.

ميئر ڪراچي وسيم اختر بابت هڪ سوال جي جواب سندس چوڻ هو ته ميئر ڪراچي وسيم اختر ڪرپٽ آهي ۽ هن جي ڪرپشبن بابت پنهنجي موقت تي اڄ به قائم آهيان

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.