سريلنڪا پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبو/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي ۽ هلندڙ سال پاڪستان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ سريلنڪا جي ميزباني ڪندو.

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز آڪٽوبر ۾ ٿيڻي هئي جيڪا ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهي جنهن کان پوءِ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ڊسمبر ۾ ٿيڻي هئي.

پر پاڪستان ۽ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ هاڻ ان شيڊول ۾ تبديلي ڪندي پهرين ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ٽيسٽ ميچز ڊسمبر ۾ ٿينديون.

پاڪستان لاءِ سٺو سنوڻ اهو آهي ته اهي ون ڊي ۽ ٽي  ٽوئنٽي جا 20 ميچز پاڪستان ۾ کيڏيا ويندا.

نئين شيڊول موجب ڪراچي ٽن ون ڊي ميچن جي ميزباني ڪندو جنهن کان پوءِ لاهور ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز به کيڏي ويندي.

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ شيڊول سيريز ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئنشپ جو حصو آهي جنهن جا ميچز نيوٽرل جاءِ تي ٿيڻا هئا پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا کي اهي ميچز پاڪستان ۾ کيڏڻ جي آڇ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.