ملڪ جي صدر 2 نوان اي سي پي ميمبر مقرر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي خالد محمود صديقي ۽ منير احمد خان ڪاڪڙ کي ترتيب وار سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو.

پارليماني معاملن واري وزارت طرفان جاري پريس ريليز ۾ ٻنهي ميمبرن جي مقرري جي تصديق ڪئي وئي.

واضح رهي ته سنڌ ۽ بلوچستان مان اي سي پي جي ميمبرن عبدالغفار سومرو ۽ ريٽائرڊ  جسٽس شڪيل بلوچ جنوري  ۾ ريٽائرڊ ٿيا هئا ۽ قانون جي موجب ڄاڻايل سيٽن تي 45 ڏينهن جي اندر مقرري لازمي ٿيندي آهي.

پر هلندڙ سال مارچ ۾ وزير اعظم هر ٻنهي سيٽن جي لاءِ ٽي ٽي نالا قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ڏانهن موڪليا هئا.

عمران خان طرفان بلوچستان جي لاءِ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امان الله بلوچ، وڪيل منير ڪاڪڙ، واپاري شخصيت ۽ اڳوڻي وقتي صوبائي وزير مير نويد جان بلوچ  جا نالا تجويز ڪيا ويا.

وزير اعظم عمران خان سنڌ اليڪشن ڪميشن ۾ خالي سيٽن جي لاءِ وڪيل خالد محمود صديقي، ريٽائرڊ جسٽس فرخ ضيا شيخ ۽ ريٽائرڊ انسپڪٽر جنرل آف سنڌ اقبال محمود جو نالو تجويز ڪيو هو.

بعد ۾ 14 جون تي حڪومت ۽ مخالف ڌر پارٽين جي وچ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جو معاملو چڪتاڻ اختيار ڪري ويو هو، جنهن کان پوءِ 19 جون تي ٻيهر نالن تي بحث ۽ مباحثُ ٿيو هو پر ڪو به حتمي فيصلو سامهون نه آيو.

ان سلسلي ۾ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان رابطو ڪيو ويو ته سندس چوڻ هو ته حڪومت وت ان آئيني منصب تي مقرري جو ڪو به قانون مينڊيٽ ناهي.

هن چيو ته ان فيصلي سان اليڪشن ڪميشن تي وڏا سوال بيهي ويا آهن جيڪي پهرين ئي سنگين الزامن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.