اسامه بن لادن جو پٽ جيئرو يا مارجي ويو…..؟ تصديق ٿي وئي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سيڪريٽري آف ڊيفنس مارڪ اسپر القاعده جي باني اسامه بن لادن جي پٽ ۽ نامزد وارث حمزه بن لادن جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فاڪس نيوز کي هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي بچاءَ واري سيڪريٽري کان جڏهن پڇيو ويو ته حمزه بن لادن مارجي ويو آهي ته هن چيو ته آئون اِهو ئي سمجهان ٿو.

گڏوگڏ ئي هن اِهو به چيو ته منهنجي ان بابت تفصيل ناهن ۽ جيڪڏهن هجن به ها ته مون کي يقين ته آئون ڪيتري ڄاڻ توهان سان ونڊي سگهان ها.

واضح رهي ته آگسٽ مهيني جي آغاز ۾ آمريڪي ميڊيا آمريڪي ڳجهي اداري جي اختيارين جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪيو هو ته گذريل ٻن سالن ۾ آمريڪي آپريشن دوران اسامه بن لادن جو پٽ مارجي ويو هو.

پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  ۽ ٻين سينيئر اختيارين عوامي سطح تي ان جي تصديق يا ترديد کان انڪار ڪيو هو.

هاڻ جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ کان صحافين پڇيو ته سندس چوڻ هو ته آئون ان تي تبصرو نٿو ڪرڻ چاهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.