ڊيوائن جونسن سڀني اداڪارن کي مات ڏئي ڇڏي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪار،  پروڊيوسر ۽ اڳوڻي ريسلر ڊيوائن جونسن هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ اداڪاربڻجي ويو.

مشهور آمريڪي رسالي فوربز موجب 47 ورهين جي ڊيوائين  جونسن دنيا جي سڀني اداڪارن کي پٺتي ڇڏيندي سڀ کان وڌيڪ ڪمائڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.

“دي راڪ” نالي سان سڃا تو ويندڙ ڊيوائن گذريل هڪ سال ۾ 8 ڪروڙ 94 لک آمريڪي ڊالر ڪمايا جيڪي پاڪستاني 15 ارب رپين جي برابر آهن.

ڊيوائين جونسن هاڻوڪي ڪجهه عرصي ۾ هالي ووڊ جي وڏي فلمن ۽ سيريز سان گڏ ڪيترين ئي وڏين برانڊز جو به حصو رهيو.

ان کان سواءِ ان فهرست ۾ ٻين نمبر تي آسٽريلوي اداڪار ڪرس هيمس ورٿ رهيو جنهن جي گڏيل ڪمائي 7 ڪروڙ 64 لک آمريڪي ڊالر رهي.

ان کان پوءِ ان فهرست ۾ رابرٽ ڊائوني جونيئر ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، جيڪو گذريل سال کان هن وقت تائين 6 ڪروڙ 60 لک آمريڪي ڊالر ڪمائي چڪو آهي.

چوٿين نمبر تي بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار جو نالو رهيو جنهن جي ڪمائي 6 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر رهي.

جيڪي چين 5 ڪروڙ لک آمريڪي ڊالر حاصل ڪري 5 پوزيشن حاصل ڪئي.

بريڊلي ڪوپر ۽ ايڊم سينڊر جو نالو برابر رهيو.

ٻنهي 5 ڪروڙ 70 لک آمريڪي ڊالر ڪمايا.

ڪرس ايونز 4 ڪروڙ 35 لک آمريڪي ڊالر ڪمائي 8 پوزيشن تي رهيو.

جڏهن ته فوربز جي فهرست ۾ نائين پوزيشن آمريڪي اداڪار پول رڊ حاصل ڪئي، جنهن جي گڏيل ڪمائي 4 ڪروڙ 10 لک آمريڪي ڊالر رهي.

ان فهرست ۾ ڏهين پوزيشن تي هالي ووڊ اداڪار سمٿ رهيو، جنهن گذريل سان کان هن وقت تائين 3 ڪروڙ 50 لک ڊالر ڪمايا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.