سرڪاري کاتا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽن ورهين کان هڪ پوسٽ تي ڪم ڪندڙ آفيسرن کي هٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، اٽارني جنرل سلمان، پرنسيپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سيڪريٽري سروسز نويد شيخ، صحت واري سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جي ايڊيشل سيڪريٽري فياض جتوئي به موجود هئا.

سيد مراد علي شاهه اجلاس ۾ بهتر گوررننس، ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ کي نظر ۾ رکندي هدايت ڪئي  ته  ٽن ورهين کان هڪ پوسٽ تي ڪم ڪندڙ آفيسرن کي هٽايو وڃي،

وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي ادارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سرڪاري کاتا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن.

ان سان گڏوگڏ اجلاس ۾ وڏي وزير بهتر ڪارڪردگي لاءِ لوڪل گورنمينٽ ۾ سٺن آفيسرن کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.