سفر تي نڪتل سياحن جو سفر تمام…

 

وينتيان (ويب ڊيسڪ) لائوس ۾ هڪ بس حادثي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 چيني سياح اجل جو شڪار ٿي ويا.

اطلاعن موجب سياحن جي ان بس ۾ ڪُل 44 چيني شهري سوار هئا ۽ اهي لائوس جي تخت گاهه وينتيان کان ملڪ جي اترين سياحتي ڳوٺ لوآنگ پرابانگ طرفان سفر ڪري رهيا هئا.

حادثي ۾ 13 چيني سياح فوت ٿي ويا، جڏهن ته باقي 31 زخمين مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

واضح رهي ته هر سال لکين چيني سياح لائوس، ويٽنام ۽ ٻيا ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ گهمڻ ويندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.