ڪراچي جو عوام سنڌ حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻ بند ڪري….!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جو ڪراچي وارن کي پيغام ۾ چوڻ هو ته ڪراچي جو عوام سنڌ حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻ بند ڪري، پنهنجو ٽيڪس وفاق يا ڪي ايم سي کي ڏيو، ڪراچي جي صورتحال جي سنڌ حڪومت ذميوار آهي.

تفصيل موجب ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي عوام کي چوان ٿو ته سنڌ حڪومت کي ٽيڪس ڏيڻ بند ڪيو، اسان ڪڏهن بحريا ٽائون کان درخواست ٿا ڪيو ته ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي کي، علي زيدي ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ چندو گڏ ڪري رهيو آهي پر چندي سان ڪيستائين مسئلا حل ٿيندا، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي.

ڪراچي جي ميئر جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري کان درخواست ڪندس ته واٽر کي بورڊ کي ڏسي، پاڻي نه هئڻ جي ڪري ڪراچي جا ماڻهو ڏکيائين ۾ آهن، ايم پي اي ايم اين اي واٽر بورڊ کان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن.

وسيم اختر وڌيڪ چيو ته اسان ايف ڊبليو او ۽ بحريا ٽائون کان مدد وٺي رهيا آهيون، سيوريج جو پاڻي سڄي شهر ۾ اچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.