۽ جڏهن رحمت بڻي زحمت

عبدالرزاق ڪلمتي

جڏهن پاڻي جي کوٽ پئي ستايو، انسانن، جانورن، پکين ۽ وڻن کي پاڻي نه پئي مليو ۽ ڌرتي پاڻي لاءِ پياسي هئي، قدرت جا ڪرم ٿيا، اوچتو آسمان تي برسات جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا، آسماني بجلي پئي چمڪي ۽ گجگوڙ جا ڌماڪا شروع ٿيا، آسمان تان برسات جون پهريون ڪڻيون وسيون ته ماڻهو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيا، ضلعي ٺٽي جي شهر ميرپورساڪرو تي زبردست برسات جو وسڪارو ٿيو، انتظاميا خاموش ٿي وڃي ويهي رهي، برساتي پاڻي جي نيڪال جو بندوبست نه ڪيو ويو، جنهن ڪري رحمت بڻجي آيل برسات زحمت بڻجي وئي، پئي برسات پئي ۽ نتيجي ۾ شهر توڙي تعلقي جي 14 يونين ڪائونسلن جا ڳوٺ پئي ٻڏندا ويا، آخر نتيجو اهو نڪتو جو ڳوٺن ۾ 6 کان 8 فوٽ پاڻي بيهي ويو، سوين ڳوٺن جا گهر ڪري ڀري ويا، سوين ڳوٺن جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو آهي، هزاري ماڻهو بي گهر ٿي بندن تي ويٺل آهن.

تعلقي ميرپورساڪرو جي انتظاميا جي مڪمل نااھلي سبب ڊرينيج ۽ ايريگيشن جي سسٽم ناڪاره هجڻ ڪري ٻھراڙي جي ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۾ وڏو پاڻي بيٺل آهي، ڳوٺاڻا بيوسي کان لڙڪ لاڙيندي پنهنجا پراڻا اجھا ڇڏيندي مال متا سميت تيزيءَ سان جابلو علائقن جو رخ ڪري رهيا آهن، باقي بچيل ماڻهوَ واھن ۽ برانچن جي ڪپرن سميت رستن تي رھائش اختيار ڪري دربدريءَ واري زندگيَ گذارڻ لڳا آهن، ايڏي وڏي مصيبت ۾ ڦاٿل هتان جي ماڻهن جي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سرڪاري ڪاموري، چونڊيل نمائندي يا سياسي توڙي سماجي ادارن سار نه لڌي آهي، سموريون ڌريون رڳو فوٽو سيشن تائين محدود آهن.

هتي اها ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته هڪ ته برساتي پاڻي ماڻهن جي زندگي عذاب ڪئي آهي، ٻيو وري برساتن جي ڪري 7 ماڻهوَ نانگ جي ڏنگجڻ جي ڪري پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن، انهيءَ کان علاوه ميرپورساڪري جا سرڪاري اسڪول، روڊ رستا به برساتن جي ڪري سخت متاثر ٿي ويا آهن، جنهن جو سمورو اسٽيڪچر تباهه ۽ برباد ٿي ويوآهي، جنهن جي بحالي وڏي عرصي تائين مشڪل لڳي رهي آهي، سوين ڳوٺ جنهن ۾ ڳوٺ عمر خان ڪلمتي، عبدالله ڌيڻيون، ڪڪڙانڊ درگاهه، پير محموداڻي، ڇڇ ورھاڪو، ڊوھڙو، ڍارڪي، راٺوڙڪي گھگھي، سکپور، ڀالڪي، حاجي گھراڻو، دٻو ٻرندڪي، بڪيراڻي، پٽ مڙھو، ڪرمپور، پليجاڻي، ٻھارا، غلام الله ڇڇ، ميرانخور، رامڏهه مراداڻي، ماسودي، پمبري سميت سمورين يونين ڪائونسلن جون ديھون ۽ ڳوٺ برساتي پاڻي جي ورچڙهي تباهه ٿي ويا آهن، جنهن مان ماڻهن کي ٻيڙين ذريعي پنهنجي مدد پاڻ ٻاھر ڪڍيو پيو وڃي، انهيءَ کان علاوه ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل، ڪيلو، ٽماٽو، ڪمند، مرچ، ڪپاس سميت سمورو فصل برساتن جو پاڻي بيهي وڃڻ ڪري مڪمل سڙي ويو آهي، جنهن ڪري ھتان جي آبادگارن کي ڪرڙوين روپين جو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو پورائو هو ڪيترن ئي سالن تائين شايد نه ڪري سگهندا، لڳي ٿو ته آبادگار طبقو ايندڙ پنج سالن لاءِ پوئتي ھليو ويو آهي، علائقن کي برسات سان گڏ ڊرينيج جي ناڪاره نظام ٻوڙڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي، جنهن جو ڪارڻ سالن کان بئراجن ۽ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ بااثر زميندارن جا ڳنڊا لڳائڻ آهي، سرڪاري مشينري توڙي چونڊيل نمائندا ايڪڙ ٻيڪڙ منپسند علائقن ۾ فوٽو سيڪشن ڪرائڻ کانسواءِ ڪٿي به نظر نه آيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سماجي تنظيم ينگ سوشل نيٽ ورڪ سول سوسائٽي ۽ متاثر ماڻهن، وزيراعظم پاڪستان ۽ وزيراعليٰ سنڌ کان پرزور  مطالبو ڪيو آهي ته تعلقي ميرپورساڪري جي سمورن ڳوٺن مان برسات جو پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪرائي عوام کي رليف ڏئي ٺٽي ضعلي سميت ميرپورساڪري تعلقي کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.