انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ارفع ڪريم ٽيڪنالاجي پارڪ سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جو فيصلو ڪندي نئين انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جي پيڙهه جو پٿر هلندڙ سال رکندو جڏهن ته ٽورازم ايپ به متعارف ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو.

تفصيل موجب لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي ڪارڪردگي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مختلف پروگرامن تي اڳڀرائي  ۽ مستقبل جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو.

عثمان بوزدارچيو ته هر شعبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي واڌو هٿي سان آسانيون ٿينديون، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي پراڻي نظام کي جدت ملندي، اي گورننس ۽ اي سروس ڊليوري وقت جي ضرورت آهي.

پنجاب جو وڏو وزير ارفع ڪريم ٽيڪنالاجي پارڪ سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جو فيصلو ڪندي نئين انفارميشن ٽيڪنالاجي پاڪ جي پيڙهه جو پٿر رکندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.