رپورٽ: حيدرآباد: يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران شاگرد يونين جي بحالي لاءِ احتجاج جو اعلان

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: حيدرآباد: يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران شاگرد يونين جي بحالي لاءِ احتجاج جو اعلان
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: حيدرآباد: يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران شاگرد يونين جي بحالي لاءِ احتجاج جو اعلان

 

حيدرآباد ۾ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران شاگرد يونين جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سنڌو نواز گهانگرو، سهيل ڀٽو، سرمن بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ مزدور توڙي شاگرد تنظيمون ڪم ڪنديون آهن، جن کي پنهنجي تنظيم سازي جو مڪمل اختيار هوندو آهي، جڏهن ته اهي تنظيمون پنهنجي ڪارڪنن لاءِ مصبت سرگرميون ڪنديون رهنديون آهن،

هنن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو به شاگردي واري دور کان سياست جي شروعات ڪئي، جنهن بعد وزيراعظم جو عهدو پڻ ماڻيو،

سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ شاگرد سياست تي پابندي مڙهيل هئڻ ڪري تعليمي ادارن ۾ شاگردن جا مسئلا انتهائي حد تائين وڌي ويا آهن، ڳاٽي ٽوڙ فيون هجڻ ۽ اسڪالر شپ ختم ٿيڻ سبب غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي اولاد تعليم جهڙي زيور کان پڻ محروم ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته شاگرد يونين جي بحالي لاءِ 21 سيٽمبر تي حيدرآباد ۾ علامه دائود پوٽه لائبريري کان حيدرآبار پريس ڪلب تائين تاريخي ريلي ڪڍي ويندي. جنهن ۾ سڀني شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن کي شرڪت لاءِ دعوت ڏني ويندي……………….

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.