رپورٽ: مومل جي ماڙي: عوامي آواز جي سهڻي سنڌ جي سڏ تي ٻوٽا پوکيا ويا

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: مومل جي ماڙي: عوامي آواز جي سهڻي سنڌ جي سڏ تي ٻوٽا پوکيا ويا” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190820Momal Ji Mari-06.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

 

عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران سهڻي سنڌ جي عنوان هيٺ وڻڪاري مهم واري اعلان کان پوءِ مومل جي ماڙي ۾ وڻڪاري مهم شروع ٿي وئي

عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي بوائز پرائمري اسڪول پنهون وسير ۾ سهڻي سنڌ جي عنوان هيٺ وڻڪاري مهم پروگرام ڪوٺايو ويو , جنهن ۾ شاگردن , استادن ۽ قلم ڌڻين شرڪت ڪئي

ان موقعي تي  اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالحئي ڀٽو , استاد سيد جمال شاھ  ۽ ٻين گڏجي ڪري اسڪول جي اڱڻ ۾ مختلف قسمن جا ٻوٽا پوکيا

ان موقعي تي هنن چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران سهڻي سنڌ جي عنوان هيٺ وڻڪاري مهم هڪ بهترين قدم آهي، جنهن جي هو ساراهه ڪن ٿا

هنن چيو ته وڻ پوکڻ سان ماحول بهتر ٿيندو آهي , وڻ ئي انسان لاء زندگي آهن , اسان کي گهرجي ته پنهنجي گهرن توڙي اوطاقن ۾ وڻ پوکي ماحول کي خوشگوار بڻايون……………….

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.