رپورٽ: نوابشاهه: سيٺارڪي شاخ جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: نوابشاهه: سيٺارڪي شاخ جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190820Nawabshah Pkg-06.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

 

نوابشاهه ۾ سيٺارڪي شاخ جي جي پڇڙي وارن آبادگارن پاران زرعي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

آبادگارن عبدالحق بروهي، عبدالغفور ڏاهري ۽ صادق سيٺار جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ آهي پر آبپاشي کاتي جي عملدارن جي نااهلي سبب سيٺارڪي شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي ڇوڙ نه پيو ڪيو وڃي، جنهن سبب 8 هزار ايڪڙ زمين سڪي ٺوٺ ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته انتظاميا جي بي ڌيابي سبب گذريل ڪيتري ئي عرصي کان 12 ماڊول بند هئڻ ڪري خوشحال آبادگار بدحال ٿي ويا آهن.

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته آبپاشي کاتي جي نااهل عملدارن خلاف نوٽيس وٺي کين زرعي پاڻي فراهم ڪري ڪاپاري نقصان کان بچايو وڃي…………………….

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.