ڪابل ۾ شادي تقريب دوران قيامت برپا…

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ هڪ شادي ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 63 ڄڻا مارجي ويا.

شادي هال تي ڪيل ان حملي جي ذميواري افغان عسڪري گروپ داعش قبول ڪري ورتي آهي.

افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ ٻارن ۽ عورتن جو وڏو انگ به شامل آهي، جڏهن ته زخمين جو انگ 182 آهي.

اهو واقعو ڪابل شهر جي اولهندي علائقي ۾ پيش آيو، جتي شيعه هزارا ڪميونٽي آباد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.