سون جي مُلهه ملڪي تاريخ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جو ملهه وڌڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ 6 سئو رپيا واڌ کان پوءِ سون جو في تولو 89 هزار رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ تسلسل سان واڌ ٿيندي پئي وڃي ۽ سون ملڪي تاريخ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندو 89 هزار رپيا في تولي جي سطح تي پهچي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ٻئي ڏينهن به مستحڪم رهي پر ملڪي سونارا مارڪيٽن ۾ سون هڪ ڀيرو ٻيهر 6 سئو رپيا في تولو وڌيو ۽ 89 هزار رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ 10 گرام سون جي قيمت 514 رپيا واڌ سان 76 هزار 303 رپيا ٿي وئي.

ان جي ڀيٽ ۾ في تولو چاندي جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي 1110 رپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 951 رپيا 64 پئسا تي مستحڪم رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.