پاڪستان کي قرض ملي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 50 ڪروڙ ڊالرن جو قرض ملي ويو جنهن کان پوءِ ناڻي جي مٽا سٽا جي گڏيل ذخيري جي ماليت 15 ارب 57 ڪروڙ 75 لک ڊالرن تائين پهچي وئي آهي.

اسٽيڪ بينڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان کي ايشيائي ترقياتي بينڪ کان 50 ڪروڙ ڊالر ملي ويا آهن، 9 آگسٽ تي ناڻي جي مٽا سٽاجي سرڪاري خزاني ۾ 53 ڪروڙ ڊالرن جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ ملڪ جي ناڻي جي مٽاسٽا جي گڏيل خزاني جي ماليت 15 ارب 57 ڪروڙ 75 لک ڊالرن تائين پهچي وئي.

50 ڪروڙ ڊالر ملڻ کان پوءِ ناڻي جي مٽا سٽا واري جي خزاني جي ماليت 8 ارب 26 ڪروڙ 44 لک ڊالرن جي سطح پار ڪري وئي آهي جڏهن ته ڪمرشل بينڪن وٽ 7 ارب 31 ڪروڙ ڊالر جو ذخيرو موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.