ڊيرا اسماعيل خان ۾ آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڊيرا اسماعيل خان(ويب ڊيسڪ) ڪلاچي جي جهنگن ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي گڏيل سرچ آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.

تفصيل موجب ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي جي ڏورانهن جي جهنگن ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي گڏيل سرچ آپريشن ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 مبينا دهشتگرد مارجي ويا.

پوليس اختيارين موجب سيڪيورٽي فورسز، سي ٽي ڊي ۽ پوليس گڏيل آپريشن جهنگن ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، ان دوران دهشتگردن فورسز تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ جوابي فائرنگ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا جنهن مان ٻن جي سڃاڻپ جاويد ملاڻي ۽ عبدالرحمان استراڻي جي نالن سان ڪئي وئي جڏهن ته ٻن دهشتگردن جي سڃاڻپ هن وقت تائين ناهي ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.