اهم اسلامي تنظيم جو ڀارت کان ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻ جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلامي سهڪار واري تنظيم (او آءِ سي)  ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته والاريل ڪشمير مان فوري طور ڪرفيو هٽايو وڃي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي اجلاس کان اڳ پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي تي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن.

شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي او آءِ سي جي جده واري اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ او آءِ سي جو بيان سامهون آيو، اڄ او آءِ سي ڀارت مان والاريل ڪشمير مان ڪرفيو فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته اڄ اِهو آواز رڳو پاڪستان نه پر سڄي اسلامي دنيا جو گڏيل آواز بڻجي چڪو آهي.

سندس چوڻ هو ته مون کي اميد آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل به اسلامي دنيا جي آواز تي ڌيان ڏيندي.

بعد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ ڄمون ۽ ڪشمي ڪشمير جي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ اهم اجلاس رٿيو ويو.

اجلاس ۾ ڪشمير بابت ماهرن، ڏکڻ ايشيا ۽ ڪشمير افيئرز تي ڄاڻ رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي.

پرڏيهي وزير ڪشمير معاملن بابت ماهرن سان اڳتي جي حڪمت عملي جي حوالي سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پرڏيهي وزير ۾ ٿيل اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ مسلسل ڪرفيو، ڀارت جي غير قانوني قدم ۽ ان جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته 50 سالن کان ڀارت ڪشمير مسئلي کي دٻائي رکيو هو، مسئلي جو سلامتي ڪونسل ۾ بحث هيٺ اچڻ اسان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڀارت سڄي خطي جو امن برباد ڪرڻ چاهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.