ڇا حيدرآباد جي شهرين کي تفريح جون سهولتون ملي سگهن ٿيون؟

عتيق ملاح

ٿڌين هوائن جي ڪري هڪ خاص سڃاڻپ رکندڙ ۽ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آباد سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي حيدرآباد جا شهري تفريح جي سهولتن کان محروم آهن، سنڌ جي هن تاريخي شهر جا شهري اهڙن ماڳ مڪانن کان محروم آهن جتي هو ڪن خاص ڏينهن تي وڃي تفريح ڪري سگهن، حيدرآباد ۾ شهرين جي تفريح جي آخري بچيل واحد جڳهه راڻي باغ به هاڻ تباهيءَ جي ڪناري تي پهتل آهي، عيدون هجن يا ٻيا خوشين جا ڏينهن حيدرآباد جي شهرين جي تفريح لاءِ راڻي باغ ئي واحد هنڌ هو جتي هو پنهنجي خاندان سميت اچي ڪجهه وقت گذاريندا هئا، پر هاڻ راڻي باغ وارو تفريحي ماڳ به شهرين جي لاءِ بند ٿيل آهي، اهڙي ئي طرح سان حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي وچ ۾ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي المنظر به آهي، المنظر تي پڻ حيدرآباد سميت ڀرپاسي وارن علائقن جا ماڻهو اچي درياهه جي موجن جو نظارو ڪندا آهن ۽ شام جي پهر ٿڌين هوائن کي محسوس ڪندا آهن، پر المنظر تي به تفريح جي لاءِ ايندڙ ماڻهن جي لاءِ ڪا به سهولتن ناهي، هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو اتي گڏ ٿين ٿا، پر اتي ته ڪا ويهڻ جي جڳهه به ناهي.

حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن جي عيد هن ڀيري گهرن ۾ ئي گذري وئي، ڇو ته جنهن شهر ۾ شهرين جي تفريح لاءِ عوامي تفريح جي ڪا به جڳهه نه هجي ته ظاهر آهي ان شهر جا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ئي موڪل جا ڏهاڙا گذاريندا، هن ڀيري شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ هنن گهرن کان ٻاهر ان ڪري به نڪرڻ پسند نه ڪيو ته حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪا به اهڙي تفريح وارو هنڌ هاڻ ناهي رهيو جتي ڪا سهولت هجي ۽ هو اتي وڃي سگهن. انگن اکرن موجب سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي 25 لک کان وڌيڪ آبادي آهي، حيدرآباد شهر بيهڪ جي لحاظ سان ٽن شهري تعلقن ۽ ٻهراڙي واري تعلقي تي مشتمل آهي، پر شهري تعلقن ۽ ٻهراڙي واري تعلقي ۾ اهڙي ڪا به عوامي تفريح جي جاءِ ناهي جتي شهري موڪلن جي ڏهاڙن يا عيدن تي وڃي سگهن، نتيجي طور هو گهرن تائين محدود ٿي وڃن ٿا، حيدرآباد جي ٽنهي شهري تعلقن ۾ صرف واحد تفريح گاهه راڻي باغ آخري بچيو هو، پر هن عيد تي راڻي باغ به شهرين جي لاءِ بند هو، ڇو ته اهو برسات جي پاڻيءَ سان ڀريل هو، راڻي باغ اندر سيوريج جو ڪو به نظام نه هئڻ سبب برساتي موسم ۾ سڄو پارڪ ڍنڍ جو ڏيک ڏئي ٿو، جنهن ڪري برساتي موسم ۾ ڪٽنب تفريح کان محروم ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته اڪثر وقتن تي حيسڪو پاران شهر جي هن اهم تفريح گاهه جي بجلي به ڪاٽي وڃي ٿي، راڻي باغ نه صرف حيدرآباد جي شهرين کي تفريح فراهم ڪري ٿو پر اهو حيدرآباد جي ڀرپاسي وارن شهرن جي شهرين لاءِ تفريح وارو هنڌ آهي، راڻي باغ ۾ مٽياري، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد، بدين ۽ ڄامشورو جا رهواسي به اچي تفريح ڪن ٿا.

حيدرآباد ۾ نه صرف راڻي تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، پر مشرف دور ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ پارڪ ٺاهيا ويا هئا، جيڪي پڻ انتظاميا جي عدم دلچسپي جي ڪري تباهه ٿي ويا، ڪيترن ئي پارڪن جي پلاٽن تي قبضا ٿيندا رهيا، پارڪن ۾ لڳل جهولا پٽجي ويا. اهڙي طرح ڪجهه سال اڳ حيدرآباد شهر ڀرسان نيو حيدرآباد سٽي جي نالي سان هڪ رهائشي اسڪيم شروع ٿي هئي، جتي ان اسڪيم کي هلائيندڙ بلڊر پاران هڪ پارڪ قائم ڪيو ويو ويو، جتي حيدرآباد جا شهري وڏي انگ ۾ اچي تفريح ڪندا هئا، پر مالڪ جي عدم دلچسپي جي ڪري اهو پارڪ به تباهه ٿي ويو ۽ آخر ۾ بند ٿي ويو، ان پارڪ جي ويجهو ئي وري ايڪمي واٽر پارڪ هيو، جتي فيمليز جي وڏي رش موڪلن وارن ڏهاڙن ۾ تفريح لاءِ ايندي هئي، جنهن ۾ سوئمنگ پول به تعمير ڪيا ويا، پر خانگي مالڪ خسارو ٿيڻ ڪري بند ڪري ڇڏيو.

حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن جي لاءِ المنظر به تفريح جو هڪ تمام وڏو مرڪز بڻجي سگهي ٿو، پر حڪومت جي عدم دلچسپي جي ڪري هن تفريحي ماڳ کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي، پر تنهن هوندي به جڏهن درياهه ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي ۽ موسم خوشگوار هوندي آهي ته هزارن جي تعداد ۾ شهري اتي گڏ ٿي ويندا آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هوندا آهن،  حڪومت پاران تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڪا به سهولت ناهي مليل پر شهري درياهه جي وهندڙ پاڻيءَ جو نظارو ڪرڻ ۽ ٿڌين هوائن مان سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ اتي ضرور اچن ٿا، جيڪڏهن اتي تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن جي لاءِ مناسب انتظام ڪيا وڃن ته هي ماڳ تفريح جو اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو. المنظر سنڌو درياهه واري هنڌ جي حوالي سان لکيو وڃي ٿو ته 1960ع ڌاري غلام محمد بئراج جيڪو هاڻ ڪوٽڙي بئراج جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو اتي المنظر جي نالي سان هڪ هوٽل قائم ٿي هئي، جيڪا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادو پاران ٺهرائي وئي هئي، جنهن جي ان دور ۾ وڏي هاڪ ٿي، حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارا ماڻهو ان دور ۾ اتي وڃڻ چاهيندا هئا، پر سواري نه هجڻ ڪري سندن اتي وڃڻ ڏاڍو ڏکيو هو، جنهن وٽ پنهنجي سواري هوندي هئي اهو اتي وڃي سگهندو هو، ٻڌايو وڃي ٿو ته تنهن وقت ۾ ڄامشورو جي لاءِ حيدرآباد کان صرف هڪ بس هلندي هئي، پر ان جو به ڪو وقت مقرر نه هو، پر هاڻ سواري جون ڪيتريون ئي سهولتون پيدا ٿي ويون آهن، هاڻ المنظر تي پهچڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، هاڻ سواري ايڏو وڏو مسئلو ناهي، پر المنظر جي تباهه حالت ئي وڏو مسئلو آهي، جيڪڏهن ماڻهو تفريح لاءِ اتي پهچي به وڃن ٿا ته اتي ته ڪا به اهڙي سهولتن ناهي جو شهرين کي تفريح ڪرڻ ۾ آساني ٿي سگهي.

حيدرآباد جي شهرين جي تفريح لاءِ هڪ ٻيو اهم هنڌ جيڪو سنڌو درياهه تي حيدرآباد شهر جي ڪناري سان لڳو لڳ آهي، جنهن کي مهراڻ پارڪ حسين آباد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان پارڪ جي اوج وارن ڏهاڙن ۾ نه رڳو حسين آباد جا رهواسي، پر سٽي، لطيف آباد ۽ ٻهراڙي جي ڪجهه علائقن جون فيمليز حيدرآباد جي خوبصورت شام جي پهر درياهه ڪناري آباد مهراڻ پارڪ جو رخ ڪنديون هيون، پر ضلعي انتظاميا هن اهم تفريح گاهه کي به تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو ۽ ان پارڪ جي اوج موٽائڻ لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڪو پلان ترتيب نه ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.