پلواما حملو ۽ پاڪستان جو ذميوارڻو موقف…

14-فيبروريءَ تي سرينگر جي ڏاکڻي ضلعي پلواما ۾ هندستان جي سيڪورٽي فورسز جي قافلي تي ٿيل آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 12- اهلڪار ٿڏي تي مارجڻ ۽ 30 ڄڻن جو شديد زخمي ٿيڻ بعد اجل جو شڪار ٿيڻ ۽ ان کان سواءِ ڪيترن ئي جوانن جي زخمي ٿيڻ واري مامري هڪ دفعو وري پاڪستان ۽ هندستان جي لاڳاپن ۾ سنگيني پيدا ڪري ڇڏي ۽ پلواما واقعي بعد هندستان ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ اوچتو ئي اوچتو وڃي آسمان تي پهتي هئي، جنهن بعد جهڙوڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ جهڙي صورتحال جنم ورتو ۽ هاءِ الرٽ ٿي ويو، پلواما ۾ سرينگر ڄمون شاهراهه تي سيڪورٽي اهلڪارن جي بسن جو قافلو روان هيو ته ان تي نامعلوم حملي آورن بارود سان ڀريل ڪار ٽڪرائي آپگهاتي بم ڌماڪو ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ 70 بسن جي قافلي مان ٻه بسون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون هيون. سواءِ ڪنهن شڪ جي واقعو دهشتگرديءَ جي ڪارروائي ئي آهي پر هن وقت تائين اها خبر پئجي نه سگهي آهي ته واقعي ۾ ڪير ملوث هيو، جو اهڙي واقعي جي اڃان تائين ڪا اڻ ڌري تحققيات ٿي نه سگهي آهي.

پلواما حملي بعد هندستان ۾ جهڙوڪر باهه لڳي وئي ايتري قدر جي هندستان جي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان کان بدلو وٺو جهڙو نعرو ڏئي ٻرندڙ باهه تي تيل هاريو هو، جنهن بعد سموري هندستان ۾ پاڪستان خاص ڪري ڪشميري نوجوانن خلاف انتهائي نفرت جا جذبا پيدا ٿي ويا، جڏهن ته هندستاني ميڊيا اهڙي حملي ۾ سڌو سنئون پاڪستان جي ملوث هجڻ متعلق ڪيئي دعوائون ڪندي ڪوڙن ثبوتن جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو، ان کان سواءِ سوشل ميڊيا تي پڻ پاڪستان خلاف ڪافي زهر اوڳاڇيو ويو، هندستان جي سياسي، قيادت ميڊيا ايتري قدر جو انساني حقن ۽ سماجي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن، ڌرين ۽ تنظيمن پڻ پاڪستان کان بدلو وٺڻ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ۽ مطالبا ڪيا، جڏهن ته اهڙن ماڻهن جن واقعي جي جانچ ڪرائي سازش کي بي نقاب ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي انهن ماڻهن کي سڌو سنئون هندستان جو غدار چيو ويو، اهڙن ماڻهن جو چوڻ هو ته ڪا اڻ ڌرئي جانچ ٿيڻ کان سواءِ پاڪستان تي حملي جي پٺڀرائيءَ جو الزام هڻڻ ۽ بدلي وٺڻ جي ڳالهه ڪرڻ ڪنهن به طور تي مناسب نه آهي.

پلواما واقعي کان اڳ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن ڪافي بهتريءَ واري دڳ تي هلي پيا هيا جنهن لاءِ هندستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ هاڻوڪي سيلبيرٽي نوجوڪ سنگهه سڌو ۽ پڻ ڪيئي ڪوششون ڪري ڪرتاپور ڪاريڊور کولرايو هو جنهن کي هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتريءَ لاءِ انتهائي سٺو سنوڻ قرار ڏنو پئي ويو، ان کان سواءِ هندستان پاڪستان کي ڪاروبار لاءِ فيورٽ ملڪ جو درجو پڻ ڏنو هو جڏهن ته هندستان جي نامياري ٽينس اسٽار ثانيه مرزا کي تلنگانا رياست جو اعزاي سفير پڻ مقرر ڪيو ويو هو، حملي بعد ثانيه مرزا کي اهڙي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو جو سندس شادي هڪ پاڪستاني ڪرڪيٽر سان ٿيل آهي، ان کان سواءِ هندستان سرينگر مظفر آباد بس سروس پڻ معطل ڪري ڇڏي، ٻئي طرف پاڪستان نئين دهليءَ ۾ مقرر ٿيل پاڪستاني سفير کي پڻ واپس طلب ڪري ورتو هو.

مجموعي طور تي پلواما واقعي بعد هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، جيڪا اڳ وارن دورن کان ان ڪري به مختلف آهي جو ٻنهي پاسن جي سربراهن سڌي جنگ ڪرڻ جو ڌمڪيون جاري ڪري ڇڏيون آهن، هندستان جي وزيراعظم نريندر موديءَ جو چوڻ آهي پاڪستان کان هر صورت ۾ بدلو وٺبو ۽ پاڪستان جي وزير اعظم جو چوڻ آهي ته اسان هندستان تي حملي لاءِ سوچينداسين نه پر حملو ڪري ڏينداسين.

مٿي ذڪر ڪيل صورتحال مان معاملي جي سنگينيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهڙي صورتحال دوران پاڪستان پنهنجي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي هندستان کي شروع ڏينهن کان اها پيش ڪش ڪئي آهي ته پاڪستان پلواما حملي جي مڪمل ۽ اڻ ڌري جانچ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو، ۽ هندستان شروع کان پاڪستان جي اهڙي آڇ کي هڪ ڌڪ سان رد ڪري ڇڏيو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين رد ڪندو رهيو آهي،  اهڙي صورتحال دوران پاڪستان جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ پلواما حملي بعد پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ پلواما حملي بعد جيو اسٽريٽيجڪ ۽ قومي سلامتيءَ جي معاملن تي غور ڪيو ويو ۽ هڪ دفعو وري هندستان کي آڇ ڪئي وئي ته پلواما حملي جي مڪمل ۽ اڻ ڌرئي جانچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن انهيءَ حملي ۾ پاڪستان جي سرزمين استعمال ٿيڻ جا ثبوت فراهم ڪيا ويا ته پاڪستان انتهائي سخت ڪارروائي ڪندو.

پلواما حملي بعد نه فقط برصغير جو عوام ڳڻتيءَ ۾ مبتلا آهي پر هن دفعي بين الاقوامي سطح تي پڻ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي، اهو ان ڪري جو پلواما حملي بعد ٻنهي ملڪن جي سربراهه انتهائي ڌمڪي آميز لهجن ۾ بيان جاري ڪيا آهن، سندن بيانن ۽ ٻنهي ملڪن جي ائٽمي طاقت هجڻ واري حقيقت جهڙوڪر معاملي کي انتهائي ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جنهن ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي ان کي دنيا جي ساڃاهه وند حلقن ساراهيو آهي ۽ هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هندستان پڻ اهڙي ئي ذميوار رويي جو اظهار ڪري ته جيئن برصغير  ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿئي ۽ وري صورتحال ان دور ۾ داخل ٿي وڃي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ حالتون بهتر ٿي رهيون هيون ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ ويجهڙائي ٿي رهي هُئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.