[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: نصير آباد ۽ سڪرنڊ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي ڪشميرن جي حق ۾ ريليون ڪڍيون ويون” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190815Nasirabad Mix Pkg-08.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين پاران ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڀارت جي آزادي واري ڏهاڙي تي ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.
نصيرآباد ۾ قومي امن ڪميٽي برائي بين المذاھب پاران ڪشميري عوام سان يڪجھتي جو اظھار ڪندي 15 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو ويو،
شهرين ثناءُ الله ابڙو، محمد ٽڳڙ ۽ عزيز ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير بڻجندو پاڪستان ريلي ڪڍي وئي
هوڏانهن سڪرنڊ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران بليڪ ڊي جي حوالي سان انصاف هائوس سڪرنڊ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف چوراهن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي
ريلي کي پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ گل محمد رند خطاب ڪندي چيو ته مودي سرڪار دماغ مان ڪشمير کي ڀارت جو حصو سمجهڻ ڪڍي ڇڏي
سندس چوڻ هو ته ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي، جنهن جي حاصلات لاءِ هو ڀرپور ڪوشش ڪندا رهندا.