او آءِ سي جو ڪشميرين کي حق ڏيڻ جو مطالبو

جده (ويب ڊيسڪ) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) والاريل ڪشمير جي مذهبي حقن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

او آءِ سي جي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان مذهبي آزادي مٿان  پابندي لڳائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته عيد جهڙي مبارڪ موقعي تي به والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون رهيو ۽ ڪشميري پنهنجي مذهبي رسمن ۽ عبادت ڪرڻ کان محروم رهيا.

پڌرائي موجب مذهبي حقن تي پابندي مڙهڻ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي سڄي دنيا جي مسلمانن جي توهين آهي.

آو آءِ سي ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڀارت ڪشميري عوام جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ مسلمانن کي مذهبي رسمون ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه وجهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.