قوم متحد آهي، ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺا آهيون، سڀ جماعتون هڪ ٿي ڪشمير سان يڪجهتي جو اظهار ڪن.

ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي طرفان ڪشمير سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪشميري 72 سالن جي تشدد کان نه ڊنا، آئيني ترميم کان ڇا ڊڄندا.

هن چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا مجاهد آهيون، ڀارت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سڄي قوم هڪ آهي، اسان سڀ گڏجي ڀارت جي هر جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته اڄ ڪشميرين لاءِ سڄو پاڪستان گڏ ٿيو آهي، بلاول جي هدايت تي ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، سڀ پارٽيون اسان سان گڏ آهن.

مراد علي شاهه چيو ته مودي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ ڪشميرين تي ظلم جا جبل ڪيرايا، ريلي ۾ سياسي جماعتن شرڪت ڪري ثابت ڪيو ته اسان سڀ هڪ آهيون، پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺا آهن.

وڏي وزير چيو ته ڪشميري 72 سالن ۾ تشدد کان نه ڊنا، خاص حيثيت کسجڻ کان به نه ڊڄندا پر ڄمي مقابلو ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.