والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ۾ نرمي جو اعلان

 

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي گورنر ستيا پال ملڪ چيو آهي ته 15 آگسٽ کانپوءِ ڪرفيو ۾ نرمي پيدا ڪئي ويندي.

گڏوگڏ هن واضح ڪيو ته ڪرفيو ۾ نرمي باوجود ٽيلي فون لائنون معطل رهنديون ۽ انٽرنيٽ سروس به بحال نه ڪئي ويندي.

رياستي گورنر ڀارتي اخبار کي ٻڌايو ته مواصلاتي رابطا جيئن جو تيئن معطل رهندا، ڇو ته حڪومت دشمن قوتن کي ڪو موقعو نٿي ڏيڻ چاهي.

واضح رهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ ان ڏينهن کان اتي چُرپُر ۽ مواصلاتي رابطن تي سخت پابنديون لاڳو آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.