بختاور ۽ آصفا کي پيءُ سان ملڻ نه ڏنو ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻين بختاور ۽ آصفا ڀٽو زرداري کي اڊيالا جيل ۾ سندن پيءُ سان ملڻ نه ڏنو ويو.

آصفا ۽ بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽر پيغامن ۾ چيو ته عدالتي حڪمن باوجود نيب اختيارين پيءُ سان ملڻ نه ڏنو، ملاقات نه ڪرائي نيب عدالت جي توهين ڪئي آهي.

بختاور پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته حراست ۾ ماڻهو مرڻ ۽ عوام جو ٽيڪس استعمال ڪرڻ تي نيب جو احتساب ڪير ڪندو؟ ڀڄي ويل آمر جي ٺاهيل نيب کي هاڻوڪي آمر جهڙو شخص پنهنجي مخالفن کي قيد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، نيب مسلسل ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.