رپورٽ: ٽنڊو محمد خان، کپري، ڇاڇري، پکي ۾ به جشن آزادي ملهائي وئي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊو محمد خان، کپري، ڇاڇري، پکي ۾ به جشن آزادي ملهائي وئي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٽنڊو محمد خان، کپري، ڇاڇري، پکي ۾ به جشن آزادي ملهائي وئي

 

ٽنڊي محمد خان ۾ آزادي جي ڏهاڙي تي سرڪاري تقريبن سان گڏ ھندو برادرين پاران ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم خلاف ريلي ڪڍي وئي.

راءِ سنگهه ٺاڪر ۽ مانسگه ٺاڪر جو چوڻ ھو ته  پاڪستان  ڪشمير کي خود مختيار ۽ آزاد ڏسڻ چاھي ٿو.

سنڌ جي ٻين شهرن جيان کپري ۾ به جشن آزادي جي تقريب ڪوٺائي وئي.

ميونسپل ڪميٽي ۾ ٿيل تقريب ۾ وائيس چئرمين ميونسپل ڪميٽي علي حيدر ھنگورجو، ميونسپل آفيسر محبوب ٻرڙو ۽ ٻين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي قومي جهنڊي سان گڏ ڪشميرين سان يڪجهتي طور تي ڪشمير جو جهنڊو به ڦڙڪايو ويو.

ان موقعي تي پوليس اهلڪارن طرفان سلامي پڻ پيش ڪئي وئي.

ڇاڇري جي مختلف ڳوٺن توڙي تعليمي ادارن ۾ رنگارنگي تقريبون ڪوڍايون ويون.

مک تقريب هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ٿي گذري، جنهن بعد زيرو پوائنٽ کان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون.

وارھه به ملڪ جيان سر سبز  پرچم سان رڱجي ويو، اسڪولي ساگردن طرفان گڏيل ريلي ڪڍي وئي.

پکو شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ جشن آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائي وئي.

پريس ڪلب ۾ آزادي جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، اسڪولي ٻارڙن پنھنجي ملڪ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءّ تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا.

ٻئي طرف نوجوان اتحاد طرفان پاڪستان زنده آباد ريلي ڪڍي وئي ريلي ڪڍي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.