ڪشمير پاڪستان جي بقا جي ويڙهه وڙهي رهيو آهي: وزيراعظم آزاد ڪشمير

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر فاروق چيو آهي ته ڪشميري عوام پاڪستان جي بقا جي ويڙهه وڙهي رهيو آهي.

هن آزاد ۽ ڄمون ڪشمير جي قانون ساز اسيمبليءَ  ۾ اچڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.

وزيراعظم آزاد ۽ ڄمون ڪشمير چيو ته ڪشمير جي سفر کي 72 ورهين نه پر ان کي 500 ورهيه ٿي ويا آهن ۽ ان جي ثقافت اڄ به قائم آهي.

هن ٻڌايو ته هندستان جي ورهاڳي دوران به لکين ڪشميري ماريا ويا هئا، انهن تي ٿيل ظلم کان وٺي هن وقت تائين 40 هزار کان وڌيڪ ڪشميري مهاجر هتي ڪيمپن ۾ رهن ٿا.

سندس چوڻ هو ته ڪشمير ۾ 10 هزار کان وڌيڪ عورتون اڌ بيواهه آهن ڇو جو هنن کي خبر ئي ناهي ته سندس مڙس زندهه آهن يا نه؟ ڪشميري ٻارن سان جنسي زيادتي ڪئي پئي وڃي، ٻارڙين کي پيليٽ گن جي فائرنگ سان زخمي ڪري انڍو ڪيو ويو آهي.

راجا فاروق حيدر چيو ته ڀارت جي وزير ڪشميري چوڪري بابت جيڪا ڳالهه ڪئي ان سان منهنجي رت ٻڙڪندي آهي، پر پاڪستان کي ان معاملي تي به آواز اٿارڻ گھرجي.

هن چيو ته ڪشميري عوام هن وقت پاڪستان جي بقا جي ويڙهه وڙهي رهيو آهي، جيڪڏهن ڀارتي فوج ڪشمير ڇڏي پنهنجي اولهه سرحد تي اچي وئي ته طاقت جو توازن خراب ٿيندو.

راجا حيدر فاروق پنهنجي تقرير دوران روئي پيو ۽ چوڻ لڳو ته ڪشميري عوام پاڪستان طرف ڏسي رهيو آهي ۽ اميد رکي ٿو ته پاڪستان اسان جي پٺيان بيهندو ۽ اسان اڳيان بيهنداسين.

سندس چوڻ هو ته آئون  والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي اباڻي علائقي کي ڏسڻ چاهيان ٿو، هزارين ڪشميري ايل او سي پار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم لائين آف ڪنٽرل (ايل او سي) کي سيز فائر لائين (سي ايف ايل) قرار ڏيندي چيو ته ان حوالي سان جلد آزاد ڪشمير حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.