موديءَ وڏي غلطي ڪئي، کيس نتيجو ڀوڳڻو پوندو: وزيراعظم عمران خان

 

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هاڻ مان دنيا ۾ ڪشمير جو سفير بڻجندس، جنگ ٿي ته ان جي ذميواري عالمي برادري تي هوندي.

آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته نريندر مودي ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري وڏي اسٽريٽجڪ غلطي ڪئي، جيڪا ان کي ڏاڍي مهانگي پوندي، اهو جيڪو آر ايس ايس جو جن بوتل مان نڪري چڪو آهي اهو واپس نه ويندو، اهو ڪشميرين تائين نه بيهندو پر دلت، سکن تائين ويندو، عيسائين تائين اچي چڪو آهي، سڀ کان وڌيڪ نشانو مسلمانن کي بڻايو پيو وڃي، اهو نفرت سان ڀريل نظريو پاڪستان تائين ايندو، اسان کي اطلاع مليو آهي، اسان ٻه ڀيرا قومي سلامتي جو اجلاس گهرايو ۽ پاڪ فوج کي به علم آهي ته ڀارت آزاد ڪشمير تي حملو ڪرڻ جي رٿابندي جوڙي آهي.

هن چيو ته جهڙي ريت پلواما کانپوءِ ڀارت بالاڪوٽ ۾ مداخلت جي ڪوشش ڪئي هئي، هاڻ والاريل ڪشمير ۾ ظلم تان ڌيان هٽائڻ لاءِ آزاد ڪشمير تي حملو جو منصوبو جوڙيو آهي، مودي کي پيغام ڏيان ٿو ته توهان حملو ڪيو، سِر جو جواب پٿر سان ڏينداسين، پاڪستاني فوج ۽ قوم تيار آهي، توهان جيڪو ڪندئو اسان ان جو مقابلو ڪنداسين، اسان الله کانسواءِ ڪنهن کان ناهيون ڊڄندا.

سندس چوڻ هو ته اسان جي سامهون هن وقت آر ايس ايس جي صورت ۾ هڪ خطرناڪ نظريو بيٺل آهي، جيڪو هٽلر جي نازي پارٽي کان متاثر آهي، مان دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڀارتي وزيراعظم جو مڪروهه ۽ اصل چهرو سامهون رکيو، آر ايس ايس نظريو سمجهي ٿو ته مسلمانن انهن تي سوين سالن تائين حڪومت ڪئي آهي، هاڻ ان جو پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڇو ته اهي جيڪڏهن اسان تي حڪومت نه ڪن ها ته اسان عظيم قوم هجون ها، اهو نظريو گذريل ڪيترن ئي سالن کان هلندو پيو اچي، جنهن ۾ بابري مسجد جو واقعو به شامل آهي پر گذريل 5 سالن دوران والاريل ڪشمير ۾ ان نظريي کي هٿي ڏني وئي.

وزيراعظم چيو ته مودي ان ئي نظريي جو استعمال ڪندي آخري ڪارڊ کيڏيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته هن تاريخي اسٽريٽجڪ غلطي ڪئي آهي، جنهن جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو، مودي ڪشمير کي انٽرنيشنلائزڊ ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ڪشمير جو معاملو سڄي دنيا ۾ پهچائيندس ۽ ڪشمير جو سفير بڻجندس.

هن چيو ته هاڻ فاروق عبدالله ۽ محبوبا مفتي جهڙا اڳواڻ چئي رهيا آهن ته قائداعظم محمد علي جناح جو نظريو بلڪل درست هو ۽ ڀارت سان گڏجي وڏي غلطي ڪئي.

عمران خان چيو ته هاڻ جيڪا جنگ ٿيندي ان جي ذميواري عالمي برادري تي هوندي، ڇو ته جنگيون روڪڻ انهن جو ڪم هو، جيڪو انهن نه ڪيو، ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ دنيا جي هر فورم تي وينداسين ۽ گڏيل قومن جي ايندڙ اجلاس دوران دنيا ڏسندي ته ڪيترا ماڻهو ڪشمير لاءِ ٻاهر نڪرندا ۽ احتجاج ڪندا، مودي طرفان پنهنجو آخري ڪارڊ کيڏڻ کانپوءِ هاڻ ڪشمير آزادي ڏانهن ويندو، هاڻ رڳو ڪشميري يا پاڪستاني نه پر سڄي دنيا جا هڪ ارب 25 ڪروڙ مسلمان گڏيل قومن ڏانهن واجهائي رهيا آهن.

تقرير جي پڄاڻي تي وزيراعظم پاڪستاني جي باني قائداعظم کي خراج پيش ڪيو ۽ سندس سياست جي تعريف ڪئي.

سندس چوڻ هو ته سڄي قوم اڄ قائداعظم جي قرضي آهي، هن کي خبر هئي ته بيماري سبب گهڻو عرصو جيئرو نه رهي سگهندو پر هن ڪنهن کي به پنهنجي بيماري جو علم ٿيڻ نه ڏنو ۽ آخر تائين ڳالهيون ڪري پاڪستان ٺاهيو، اسان سندس ٿورا مڃون ٿا ۽ کيس خراج پيش ڪيون ٿا، عهد ڪيون ٿا ته پاڪستان هڪ مقصد لاءِ ٺهيو هو.

وزيراعظم چيو ته اسان کي هڪ آزاد ملڪ کي مديني جي رياست جي اصولن تي بيهارڻو آهي، جڏهن ڪنهن کي زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي، جيئن هندو مت ۾ آر ايس ايس ڪندي آهي ته اهي دين جي خلاف ويندا آهن، اسان جو مذهب نسل پرست ۽ تنگ نظر ناهي، اهو ئي پاڪستان جو مقصد هو.

عمران خان چيو مان هڪ ڀيرو ٻيهر مودي کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڪشميري عوام هاڻ نٿو ڊڄي، توهان ان کي غلام نٿا رکي سگهو، توهان کي سِر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو، توهان آزاد ڪشمير ۾ سبق سيکارڻ جو سوچي رهيا آهيو، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته توهان کي سبق سيکاريو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.