شاهه محمود قريشي جو روسي هم منصب سان رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب شاهه محمود قريشي روسي هم منصب کي ٽيلي فون ڪئي، جنهن دوران هن کيس ڀارتي حڪومت طرفان کنيل غير قانوني ۽ هڪ طرفن قدمن بابت بريفنگ ڏني.

ترجمان جو چوڻ هو ته شاهه محمود قريشي سرگئي لاروف کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي قدم سلامي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي خلاف آهن، جڏهن ته ڀارتي قدمن سان امن ۽ سلامتي کي سنگين خطرا آهن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ان موقعي تي روسي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته صورتحال تي اسان جي گهري نظر آهي.

هن مسئلي کي پرامن طريقي سان ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.

ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.