واهگا بارڊر تي جهنڊو لاهڻ جي تقريب

لاهور (ويب ڊيسڪ) آزادي ڏهاڙي ۽ ڪشمير سان يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي واهگا ۾ پاڪ-ڀارت سرحد تي جهنڊو ڦڙڪائڻ  جي تقريب دوران گھڻا پرجوش منظر ڏسڻ ۾ آيا جتي ماڻهن الله اڪبر، پاڪستان زندهه آباد ۽ ڪشمير بڻبو پاڪستان جي  نعرن سان جوش گرمائي ڇڏيو.

پاڪستاني آزادي جي ڏهاڙي کي ڪشمير سان يڪجتي طور ملهائي رهيا آهن ته جيئن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو وڃي جن جي خاص حيثيت کي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ هڪ صدارتي  حڪم نامي ذريعي ڀارتي حڪومت ختم ڪري ڇڏيو هو.

جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب دوران نوجوانن ، بزرگن، ٻارن ۽ عورتن جو وڏو انگ موجود هو جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان رينجرز جي جوانن سان گڏوگڏ عوام جو جوش ۽ جذبي وارا نعرا بي مثال هئا.

هونئن ته واهگا تي روز جهنڊو ڦرڪائڻ جي اها تقريب ٿيندي آهي پر پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب ۾ ماڻهو ۽ رينجرز ٻئي حب الوطني جي ڌار ڌار رنگن ۾ نظر ايندا آهن.

رينجرز جي دليراڻي انداز تي پريڊ دوران تقريب ڏسڻ لاءِ موجود عوام الله اڪبر ۽ پاڪستان زندهه آباد جا زوردار نعرا لڳائيندا رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.