شاهه محمود قريشي جو خط سلامتي ڪائونسل جي صدر کي ملي ويو

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم روڪڻ لاءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو خط گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر کي پهچائي ڇڏيو.

مليحا لوڌي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو خط گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ پولش سفير جوانا ورونيڪا کي ڏنو، جيڪا 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي هلندڙ مهيني صدر آهي.

خط ۾ سلامتي ڪائونسل جي صدر کان والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو باضابطا مطالبو ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن مليحا لوڌي پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي وڃي رهيا آهيون، اميد ته سلامتي ڪائونسل جلد ڪشمير مسئلي تي ملاقات ڪندي.

هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ بحث ثبوت آهي ته ڪشمير ڪڏهن ڀارت جو اندروني معاملو نه هو پر سلامتي ڪائونسل کي ڪشمير ۾ پابندين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته ڀارتي پابندين ۽ ڪرفيو والاريل ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي پر اميد آهي ته ڪشمير مسئلي تي عالمي برادري حق ۽ انصاف جو ساٿ ڏيندي.

هوڏانهن پولينڊ جي پرڏيهي وزير، جيڪا هن وقت نيو يارڪ ۾ موجود آهي، جو چوڻ هو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان کي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي.

هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهين ذريعي مسئلي جو اهڙو حل ڳولي سگهن ٿا، جيڪو ٻنهي جي مفاد ۾ هجي، ضرورت پئي ته اسان جو ملڪ سلامتي ڪائونسل ۾ غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

سندس چوڻ هو ته سلامتي ڪائونسل ان مسئلي تي بحث ڪندي ۽ مناسب فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.