سڄي ملڪا جيان نوابشاهه ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد جي آفيس ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.
ڊي سي شهيد بينظير آباد سيد محسن شاهه، پبلڪ اڪائونٽس چيئرمين ايم پي اي غلام قادر چانڊيوشيخ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز ۽ ٻين پاڪستان جو جهنڊو ڦرڪايو انهي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته هو خوش نصيب آهن جو پاڪستان جهڙو سرسبز ۽ خوشحال ملڪ مليو، هو ڏکئي وقت ۾ ڪشميرين سان گڏ آهن.
هنن چيو ته عالمي فورم تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهڻ گهرجي، رڳو حدن جي آزادي نه پر شعوري ۽ نظرياتي آزادي هجڻ گهرجي.
مختلف سرڪاري اسڪولن جي شاگردياڻين ۽ شاگردن پاران پاڪستان ۽ ڪشمير جي حوالي سان بهترين ٽيبلوز پيش ڪري داد حاصل ڪيو…………….