رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: ٻن ٻارن ماءُ پاران پيءُ ۽ ڀائرن جي ظلم خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: ٻن ٻارن ماءُ پاران پيءُ ۽ ڀائرن جي ظلم خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪنڌڪوٽ: ٻن ٻارن ماءُ پاران پيءُ ۽ ڀائرن جي ظلم خلاف احتجاج

 

ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن جي ظلم خلاف دانهن کڻي پريس ڪلب پهتي.

مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميوو ڀٽو جي رھواسڻ گوري خاتون  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پيءُ ۽ ڀائر لالچي قسم جا ماڻهو آهن جيڪي بنا جواز هن جي مڙس کان پئسا وٺي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته مڙس پاران پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي کيس طلاق ڏيارڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن.

متاثر عورت دانهيندي چيو ته سندس پيءُ ۽ ڀائر پئسن عيوض کيس ٻي هنڌ تي پرئائڻ چاهين ٿا جنهن ڪري هو گهران وجهه وٺي نڪتي آهي.

متاثر عورت اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مائٽن خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………….

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.