رپورٽ : ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن جشن آزادي جو ڏهاڙو وڏي ولولي سان ملهايو پيو وڃي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ : ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن جشن آزادي جو ڏهاڙو وڏي ولولي سان ملهايو پيو وڃي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ : ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن جشن آزادي جو ڏهاڙو وڏي ولولي سان ملهايو پيو وڃي

 

سنڌ جي مختلف شهرن پاڪستان جي 72هين آزادي جي ڏهاڙِي جي حوالي سان ريليون ۽ تقريبون ڪوٺائي ملڪ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو.

نوشھرو فيروز جي مدرسا ھاء اسڪول ۾ 14 آگسٽ جو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو

تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر نوشھرو فيروز، ايم اين اي ذوالفقار، بھڻ چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي

جهڏي شهر ۾ 14 آگسٽ جشن آزادي جي سلسلي ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ٽائون ڪميٽي ۾ ٿي،

تقريب ۾ چيئرمين اسلم قائمخاني، پ پ اڳواڻ مير عرفان ٽالپر، اسسٽنٽ ڪمشنر آصف خاصخيلي، سوڌو تعليم کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.

ڳڙھي ياسين ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙِي جي جي حوالي سان آغا صدر الدين مين پرائمري اسڪول ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو

پروگرام شاگردن پاڪستان جي آزادي جي حوالي سان قومي گيتن تي پرفارمنس ڪري تقريب ۾ ويٺل ماڻهن کان داد ماڻيو.

هوڏانهن ٽائون چيئرمين آغا شجاع الدين دراني ۽  اسسٽنٽ ڪمشنر سيد ارباب علي  شاھ جي اڳواڻي ۾ استادن  ۽ سوين شاگردن ڪشمير سان يڪجهتي لاءِ ريلي پڻ ڪڍي وئي.

گمبٽ ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي والاريل ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي طور مختلف مذھبي سياسي سماجي تنظيمن پاران موٽر سائيڪلن تي ريلي ڪڍي وئي

چوهڙ جمالي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ پاڪ نيوي ۽ ٽائون انتظاميه پاران ليفٽنٽ ڪمانڊر اڪرام معيز ۽ اي سي شاهبندر جي اڳواڻي ۾ ڪشمير سان اظهار يڪجهتي جي حوالي سان ڪوسٽ گارڊ ڪئمپ کان شاهبندر چوڪ تائين ريلي ڪڍي ويئي

ريلي ۾ پاڪ نيوي جي جوانن اسڪولي شاگردن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا

قمبر ۾ تنظيم اصلاح الفقراء حسينه نقشبنديه پاران پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي تي قومي جهنڊا  ۽ بينر کڻي ريلي ڪڍي وئي

ريلي کي اڳواڻن غلام سرور سومرو حسيني،ارشد نظير تنيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو عيد جي خوشي کان گهٽ ناهي

هنن وڌيڪ چيو ته ڪشميري مسلمانن مٿان هندستاني فوج بيگناهه شهيد ڪري پئي،

هنن انساني حقن جي تنظيم کي اپيل ڪئي ته ڪشميرن کي آزادي ڏياري وڃي.

بوزدار وڏا جي  گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاران جشن آزادي جي سلسلي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طور استاد لطيف ڏنو بوزدار، استاد علي اصغر بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

سوڀوديرو ۾ ھيومن رائٽس پروٽيڪشن فورم پاران اورنگزيب پيرزادو ۔ ايڊوڪيٽ عاشق علي شيخ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جشن آزادي جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي.

داد لغاري ۾ ضلعي گهوٽڪي منارٽي ونگ جي چيئرمين اشوڪ بيڪس ۽ ڀڳوان داس جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طور ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هندو برادري جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ميرپور ساڪري ۾ جشن آزادي جي حوالي سان جي ينگ سوشل نيٽ ورڪ طرفان سوشل ھائوس کان مين بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڊي ملڪ سان محبت جو اظهار ڪيو ويو.

ڀان سيدآباد ۾ جشن آزادي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي،

جشن آزادي جي موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي ضلعي صدر سيد صالح شاهه پاران ڪيڪ ڪاٽي قوم کي واڌائي ڏني وئي.

ڪلوئي ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾  ايم پي اي سريندر ولاسائي، ضلعي ڪائونسل ميمبر محمد خان لنڊ، سنيل ڪمار گرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سجاول ۾ آزاديءَ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

آزادي ڏهاڙي جي مکيه تقريب ايس ايس پي آفيس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد اسماعيل ميمڻ، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حاجي محمد عثمان ملڪاڻي، ايس ايس پي امير سعود مگسي ۽ ٻين گڏجي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي رسم ادا ڪئي وئي.

غوثپور ۾ به جشن آزادي  ۽ ڪشميرين سان ڀارتي جارحيت خلاف  يڪجهتي طور ڏھاڙو ملهايو ويو……………………..

 

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.