آزادي ڏهاڙي تي شوبز ستارن جا پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ موجود پاڪستاني آزادي جي ڏهاڙي جو ڏينهن  جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن جڏهن ته اداڪار به ان موقعي تي ڪنهن کان پٺتي ناهن.

فلم، ٽي وي ۽ موسيقي سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي ستارن پنهنجن مداحن کي سوشل ميڊيا ذريعي جشن آزادي جا پيغام موڪليا ۽ پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون.

ڪجهه ستارن پنهنجي آزادي جي پيغامن کي گھڻو مختصر رکيو.

اداڪار عمران اشرف پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پاڪستاني جهنڊي جي تصوير شيئر ڪندي مداحن کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪ پيش ڪئي.

 

View this post on Instagram

 

PAKISTAN ZINDABAD 🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰❤️❤️❤️❤️ #independenceday

A post shared by Imran Ashraf (@imranashrafawan) on


اداڪارا عائشا عمر به سڄي دنيا ۾ موجود پاڪستانين کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪ هڪ ويڊيو ذريعي ڏني جڏهن ته هن ان اميد جو اظهار به ڪيو ته هڪ ڏينهن هوءَ ڪشميرين کي به آزادي جي ڏينهن جي مبارڪ جو پيغام ڏئي سگھندي.

 

View this post on Instagram

 

I stand in solidarity with Kashmir. Enough said. #standwithkashmir #saynotowar #kashmirbleeds #independenceday #14thaugust 🇵🇰💚

A post shared by Ayesha Omar (@ayesha.m.omar) on


اداڪار اظفر  رحمنٰ به پاڪستاني جهنڊي جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته کيس اميد آهي ته پاڪستاني سدائين هڪ مظبور ڀِتِ جيان هڪ ٻئي سان گڏ بيڻل رهندا.


همايو سعيد ددعا ڪئي ته خدا اسان جي پياري پاڪستان جي سدائين حفاظت ڪري.


فيصل قريشي ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ذريعي مداحن کي جشن آزادي جي مبارڪ جو ڏنو.

محب مرزا پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪرڻ سان گڏ انسٽاگرام تي هيش ٽيگز ذريعي آزادي جي ڏينهن جي مبارڪ مداحن کي ڏني.

 

View this post on Instagram

 

#azaadhoun #azaadtha #azaadrahounga #shukria #pakistan #happyindependenceday #muhibmirza #2019 #pakistanzindabad🇵🇰

A post shared by Muhib Mirza (@mohibmirza) on

گلوڪار عمير جسوال دعا ڪئي ته اسان جو پيارو وطن جڳ جڳ جيئي.


شان شاهد مداحن کي مبارڪ ڏيندي پاڻ سان واعدو ڪيو ته هو سدائين پنهنجي وطن جي حفاظت ڪندو ۽ ان لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان پاسو نه ڪندو.

جڏهن ته ماهران خان به مداحن کي 14 آگسٽ جي مبارڪ ڏني.

هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مشهور ملي نغمي جا ٻول شيئر ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.