آزادي ڏهاڙو: گوگل به پاڪستان جي رنگن ۾ رڱجي ويو

 

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) مشهور سرچ انجڻ گوگل اهم ڏينهن جي حوالي سان ڊوڊل تبديل ڪرڻ جي روايت برقرار رکندي پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجو ڊوڊل به پاڪستان جي رنگن سان رڱي ڇڏيو.

ڊوڊل تي هن ڀيري پشاور جو تاريخي هنڌ خيبر پاس ڊزائن ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قومي پرچم لهرايل ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته هيٺ سائي رنگ جي پٽي ۾ گوگل لکيل آهي.

سائي رنگ جي ڊوڊل تي ڪلڪ ڪيو وڃي ته پاڪستان جي تاريخ بيان ڪندڙ لنڪس فراهم ڪيون ويون آهن، ان سان گڏوگڏ قومي گيت ۽ اڄوڪي ڏينهن بابت ٻيون لنڪس به موجود آهن.

ان خاص ڊوڊل کي سوشل ميڊيا جي مشهور سائٽ فيس بُڪ، ٽوئيٽر ۽ ميل ۾ به شيئر ڪري سگهجي ٿو، جنهن جو آپشن ساڄي پاسي کان موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.