رپورٽ : ڪراچي: آزادي ڏهاڙي تي ڪشميرين سان ٻڌي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ : ڪراچي: آزادي ڏهاڙي تي ڪشميرين سان ٻڌي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ : ڪراچي: آزادي ڏهاڙي تي ڪشميرين سان ٻڌي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون

 

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو پيو وڃي.

هالاڻي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب پريس ڪلب ۾ ٿي، جنهن ۾ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ملڪ ذوالفقار اعواڻ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

خيرپور جي ناز هاءِ اسڪول ۾ جشن آزادي جي تقريب ڪوٺائي وئي،

ضلعي چيئرمين شهريار خان وساڻ، ڊپٽي ڪمشنر نعيم احمد سنڌو، ايس ايس پي عمر طفيل، ۽ رينجرز ونگ ڪمانڊر قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جو افتتاح ڪيو.

قاضي احمد ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾  شاگردن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن قومي جهنڊا کڻي قومي سورمن کي ڌار ڌار ريليون ڪڍي ڀيٽا ڏني وئي.

قمبر ۾ چوڏهن آگسٽ ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي حوالي سان آصف علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ جيئڻ ابڙو کان هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بينر کڻي ريلي ڪڍي وئي

هوڏانهن ميرپورخاص ۾ پاڪستان  جي 72 ھين  يوم آزادي جي موقعي تي سڄي شھر مان ريلي ڪڍيون وطن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.

ان موقعي تي مک تقريب ۾ ريلين کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ھري رام ڪشوري لال، ضلعي چيئرمين ميرانورعلي خان ٽالپر,ايم اين اي شميم آرا پهنور ,ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاھ ,ايم پي اي نور احمد ڀرڳڙي ,ميرپورخاص ڊي آئي جي ثاقب اسماعيل ميمڻ ,ڪمشنر عبدالواحد شيخ ٻين خطاب ڪيو.

تقريب ۾ مختلف اسڪولن کان آيل شاگردن شاگردياڻن ملي نغمه ,تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪري داد ماڻيو………………………….

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.