سڄي ملڪ ۾ آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ سموري ملڪ ۾ 73 هون آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جتي جتي پاڪستاني موجود آهن اهي اڄ 14 آگسٽ تي آزاد جو ڏهاڙو “ڪشمير بڻبو پاڪستان” جي جوش ۽ جذ بي تحت ملهائي رهيا آهن. آزادي جي ڏهاڙي تي ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز کان پوءِ مسجدن ۾ وطن جي سلامتي، ملڪ، قوم جي ترقي ۽ خوشحالي، قومي يڪجهتي، اخوت ۽ ڀائيچاري جي دعائن سان ٿي وفاقي راڄڌاني ۾ 31 جڏهن ته صوبائي راڄڌانين ۾ 21،21 توپن جي سلامي ڏني وئي.

آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرچم ڪشائي جي مرڪزي تقريب ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن جو خاص مهمان صدر عارف علوي هو جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمو حيات سميت پرڏيهي سفيرن ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوج قيادت به موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.