رپورٽ : سکر: جشن آزادي جي ڏهاڙي تي قومي سورمن کي ڀيٽا ڏني وئي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ : سکر: جشن آزادي جي ڏهاڙي تي قومي سورمن کي ڀيٽا ڏني وئي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ : سکر: جشن آزادي جي ڏهاڙي تي قومي سورمن کي ڀيٽا ڏني وئي

 

سکر ضلعي ۾ پاڪستان جي 72هين يوم آزاديءَ جي موقعي تي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جشن آزادي تقريبون منعقد ڪيون ويون،

اسڪولن ڪاليجن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ خاص تقريبون ڪوٺايون ويون جن ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري قومي هيروز ۽ تحريڪ آزادي ۾ قربانيون ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو.

سکر شهر ۾ جشن آزاديءَ جي مکيه تقريب ميونسپل اسٽيڊيم سکر ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪمشنر شفيق احمد مهيسر قومي جهنڊو ڦڙڪايو

ان موقعي تي تقريب ۾ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ڊي سي سکر غلام مرتضيٰ شيخ، ايس ايس پي سکر عرفان سمون ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

تقريب دوران مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ملي نغما ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ڪشميري ثقافتي گيت ۽ ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو،

قومي گيتن تي نوجوانن روايتي جهمرون هنيون ۽ پاڪستان سان محبت جو اظهار ڪري ڪشميرين جي حمايت ۾ نعرا هنيا…………………..

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.