حڪومت جي فنڪارا نازيا حسن کي وفات جي ڏهاڙي زبردست ڀيٽا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاڪستان جي بهترين پاپ فنڪارا نازيا حسن کي سندس وفات جي ڏهاڙي تي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

فنڪارا نازيا حسن 3 اپريل 1965ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿي. نازيا حسن کي فنڪاري جو بيحد شوق هو جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن 10 سالن جي عمر ۾ گانا ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا.

امريڪن انٽرنيشنل يونيورسٽي ۽ لنڊن يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪئي ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ گڏيل قومن جي ثقافتي سفير جي طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.

پاڪستان حڪومت طرفان سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ فنڪارا کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ميوزڪ انڊسٽري کي هڪ بهترين فنڪارا کي سندس وفات جي ڏهاڙي تي ياد رکيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.