پاڪستان طرفان سڄي دنيا ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشنن ٻاهران احتجاج جي ڪال….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان 15 آگسٽ تي سڄي دنيا ۾ ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي ٻاهر نڪري احتجاج ڪرڻ جي ڪال ڏئي ڇڏي، زلفي بخاري جو چوڻ آهي ته پرڏيهي پاڪستاني ان ڪال تي ڪشميرين جو آواز بڻجن ۽ جنهن ملڪ ۾ هجن ڀارتي هاءِ ڪميشن پهچن.

تفصيل موجب پاڪستان 15 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي، ان موقعي تي پاڪستاني حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي خاص اپيل ڪئي آهي، پاڪستان 15 آگسٽ تي سڄي دنيا ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ٻاهران احتجاج جي ڪال ڏئي ڇڏي آهي.

وزير اعظم جي خاص مددگار زلفي بخاري سمنڊ پار پاڪستانين جي نالي ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني 15 آگسٽ تي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ هڪ ئي وقت ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن، سمنڊ پار پاڪستاني ان سڏ تي ڪشميرين جو آواز بڻجن.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ هجن ڀارتي هاءِ ڪميشن پهچن، ڪنهن به ملڪ يا مذهب سان تعلق هجي ڪاري ڏينهن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪن، آئون پاڻ به سينٽرل لنڊن ۾ ڪشميرين جي حق ۾ احتجاج ۾ شرڪت ڪندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.