ڪشمير ۾ آزادي جو سج اُڀري ئي رهندو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جبر، ظلم ڪرفيو ۽ قيد خانا ڪشمير کي غلام نٿا بڻائي سگهن، ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀري ئي رهندو.

تفصيل موجب سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مودي پاليسي ترڪ نه ڪئي ته خطي جي مان کي خطرا لاڳو ٿيندي، مودي سرڪاري پنهنجي انتهاپسنداڻي رويي تي نظرثاني ڪري، والاريل ڪشمير تڪراري آهي، جنهن جو حل ٺهرائن جي روشني ۾ ئي ممڪن آهي.

فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته قرباني جي عيد تي به مسلمانن کي مقدس تهوار ملهائڻ کان روڪيو ويو، سيڪيولر ۽ جمهوري ڀارت مودي جي هٿان قتل ٿي چڪو آهي، ڪشميرين ۽ پاڪستانين جون خوشيون ۽ ڏک گڏيل آهن، ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀري ئي رهندو.

خاص مددگار هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جبر، ظلم ڪرفيو ۽ قيد خانا ڪشمير کي غلام نٿا بڻائي سگهن، عيد جي ڏينهن ڪشميرين کي مذهبي رسمن کان روڪيو ويو، مذهبي رسمن کان روڪڻ ثابت ٿو ڪري ته ڀارت انتها پسند آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.