ڀارتي پنجابي فوجي انڪار ڪن…! پي ٽي آءِ جي اپيل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري ڀارت جي پنجابي فوجين کي والاريل ڪشمير ۾ ڊيوٽي کان انڪار جي اپيل ڪري ڇڏي.
وفاقي وزير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪري اپيل ڪئي ته پنجابي فوجي والاريل ڪشمير ۾ ڊيوٽي کان انڪار ڪن ۽ مظلوم ڪشميرين سان ناانصافي ۽ ظلم جو حصو نه بڻجن.

هڪ ڀارتي ٽوئيٽر صارف فواد چوڌري جي ٽوئيٽ کي ڀارت جي سيڪيورٽي معاملن ۾ مداخل قرار ڏنو ته وفاقي وزير ان جي جواب ۾ چيو ته ڇا ڪنهن کي ظلم کان روڪڻ مداخلت آهي؟ امن مزاحمت کان سواءِ ممڪن ناهي ۽ انصاف پسند ڀارتي شهري مودي جي فاشزم کي رد ڪن.

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فواد چوڌري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت جي خلاف مسلسل آواز اُٿاري رهيو آهي ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجالس ۾ به هن ڀارت سان سفارتي لاڳاپا رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.