موسيقي ٻڌڻ تي پيءُ، ڌيءَ ۽ پٽ سميت 4 ڄڻا قتل

بنون(ويب ڊيسڪ) بنون جي علائقي ميراخيل ۾ گهڻي آواز ۾ موسيقي ٻڌڻ تي 4 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو.

پوليس موجب ميرا خيل ۾ موجود هڪ گهر ۾ وڏي آواز ۾ موسيقي وڄي رهي هئي جنهن تي پاڙيسري کين منع ڪيو.

موسيقي بند نه ڪرڻ تي پاڙيسري گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ، پٽ ۽ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون.

پوليس موجب لاش ۽ زخمين کي اسپتال اماڻيو ويو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فائرنگ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.