عيد جي ٻئين ڏينهن به قرباني جو سلسلو جاري، انتظاميا صفائي ۾ ناڪام

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جي ٻئين ڏينهن به سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري آهي.

پاڪستان ۾ عيد الاضحيٰ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي جي رياستي دهشتگردي جو شڪار مظلوم ڪشميرين سبب رد ٿيڻ جي ڪري مذهبي عقيدت ۽ سادگي سان ملهائي پئي وڃي.

سڄي ملڪ ۾ عيد جي ٻئين ڏينهن به سنت ابراهيمي جي ادائيگي جي سلسلي ۾ جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري آهي.

ٻئي پاسي ڪراچي ۾ سخت مينهن کان پوءِ جانورن جي قرباني ۽ مختلف علائقن ۾ گند جا ڍير لڳي ويا آهن.

پهرين ڏينهن جانورن جو گند نه کنيو ويو جنهن جي ڪري ڌپ شهرين کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي جڏهن ته جانورن جو گند کڻندڙ ۽ صفائي سٿرائي وارو عملو غائب آهي. مينهن کان پوءِ گَپَ سبب هيٺين علائقن جي حالت به بدتر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.