ڪشميرين جي حقن لاءِ جنگ ڪرڻي پئي ته ڪندا سين: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشميرين جي لاءِ آخري حد تائين وينداسين. حقن لاءِ جنگ به وڙهڻي پئي ته تيار آهيون. حڪومت صرف ٽوئٽ تي ٽوئٽ ڪري رهي آهي، هر نالائقي برداشت ڪنداسين پر ڪشمير تي سودو قبول ناهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو چيو ته ڪشميري عوام حڪومت طرف ڏسي رهي آهي. اسان کي ڪشميرين جي حمايت جي لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا پر حڪومت جي طرفان صرف ٽوئٽ تي ٽوئٽ ڪيا پيا وڃن. بلاول چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪشميري پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪن.

ان کان اڳ اسان کي ڪشميرين جي جذبات ۽ ڏک تڪليف ۾ شامل ٿيڻو پوندو. ڪشميرين جي لاءِ ڀرپور سفارتي جنگ وڙهڻي پوندي. ڪشميرين جي لاءِ آخري ساهه تائين وڙهنداسين. جيڪڏهن حقن جي خاطر جنگ  وڙهڻي پئي ته ان لاءِ به تيار آهيون.

پ پ چيئرمين چيو ته اسان سڀني کي ملي مودي کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. انتهاپسند مودي ڪشميرين تي طلم ڪري رهيو آهي. ڪشميرين خلاف ڀارتي ڪارروايون روڪڻ لاءِ دنيا کي واضح  ۽ سخت پيغام ڏيڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.